ڌرتي ۽ آڪاش

ڌرتي ۽ آڪاش (فلم): هيءَ سنڌي فلم 1972ع ۾ رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي نادر بلوچ ۽ مڪالما محمد بخش شوري جا لکيل آهن، جڏهن ته عڪاسي اشتياق احمد ڪئي آهي. فلم ’ڌرتي ۽ آڪاش‘ جا گانا رونا ليليٰ ۽ عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهن، جن جا ٻول شهزادي گلفام ۽ بلاول پرديسيءَ جا لکيل آهن. هن فلم جي موسيقي غلام نبي عبداللطيف ۽ غلام عليءَ ترتيب ڏني آهي. هن فلم جي اداڪارن ۾ وسيم چنگاري، عزيز شيخ، پروين بوبي، ريحانه ممتاز، ابو بلاول، خميسو خان جانوري، رحيم شورو، عبدالحق ابڙو ۽ آر بلوچ'>اي آر بلوچ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو